دجله ندي

دجله ندي

دجله ندي

دجله ندي (Tigris River): هيءَ ندي اوڀر ترڪيءَ مان نڪري عراق کان وهندي فرات درياهه سان ملي ٿي. دجلا جي ڪل ڊيگهه 1900 ڪلوميٽر آهي ۽ هيءَ 1،100،000 چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ايراضيءَ کي سيراب ڪري ٿي. قديم وقت ۾ دجله ۽ فرات جي وچ وارو علائقو دنيا جي شروعاتي شهري تهذيبن جي عڪاسي ڪندڙ هو. ڪيترائي ننڍا ننڍا درياهه به عراق ۾ دجله درياهه ۾ اچي ملندا هئا. درياهه جي ڪناري تي آباد وڏن شهرن ۾ درياهه بڪر (ترڪي) موصل ۽ بغداد (عراق) آهن. درياهه گھڻو گھرو آهي، ان ڪري ان ۾ رڳو ٻيڙيون ئي هلي سگھن ٿيون. اشوريه جي قديم گاديءَ جي هنڌ نينوه جا آثار دجله نديءَ جي ڪناري تي موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو